وزيراعظم زرداري يا ھمايون … نئين راند شروع

تحرير:رفيق پٽيل

تحريڪ انصاف جو چونڊ نشان واپس وٺي ڪري پي ٽي آءِ ،کي چونڊن واري سياست کان ٻاھر ڪيو ويو هو پر هاڻي پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان واپس ڏئي ڇڏيو آهي..پاڪستان جي چونڊن واري عمل ۾ چونڊ نشان کانسواءِ سياسي جماعت جي ڪا حيثيت ناھي ھوندي.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي ذريعي تحريڪ انصاف جي عھديدارن کي فارغ ڪيو ويو هو.

ھي اھو موقعو ھو جڏھن  پي ٽي آءِ ،کي خطرو ٿي پيو ھو تھ جيڪڏھن انھن عمران خان کي چيئرمين چونڊيو تھ ان کي نا اھل قرار ڏئي ڪري ھن ان کي چونڊن واري عمل کان ٻاھر ڪيو ويندو.ان ڪري عمران خان جي منظوري سان بئريسٽر علي گوھر کي پارٽي چيئرمين قرار ڏنو ويو، ان سان گڏ ٻيا عھديدار بھ چونڊيا ويا،ان بعد بھ اليڪشن ڪميشن ان جو جائزو وٺندي رھي ۽ عين چونڊن کان اڳ جڏھن پشاور ھاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پابند ڪيو تھ ان جو اعلان بھ رات تي اھڙي موقعي تي ڪيو ويو جنھن بعد ٽن ڏينھن جون موڪلون ھيون تھ جيئن انھن کي فوري طور تي چئليج نھ ڪري سگھجي.روايتي طور تي اليڪشن ڪميشن ڪنھن سياسي جماعت جي اندورني چونڊن جو جائزو ناھي وٺندي نھ ئي ڪجهھ معمولي خامين کي ان کان نشان واپس وٺڻ جو سبب قرار ڏيندي آھي.پي ٽي آءِ موجب اھو ان جو دائرو بھ نھ آھي،جنھن طرح ان جو جائزو ورتو ويو ۽ ان کي ڊيگهھ ڏني وئي اھو حيران ڪندڙ ھو،اھڙي طرح سرڪاري سطح تي تحريڪ انصاف جي عھديدارن کي بھ فارغ ڪيو ويو،ھاڻي انھن جي اميدوارن جا ڪاغذ پٽ جمع ٿيڻ نھ پيا ڏنا وڃن.جيڪي جمع ٿي ويندا انھن کي رد ڪري ڪيو ويندو.ھن وقت پي ٽي آءِ، جي اميدوارن کانسواءِ تائيد ڪندڙن بھ گرفتار ٿي رھيا آھن،ڀرپور قوت سان تحريڪ انصاف کي چٿيو پيو وڃي.اھڙي طرح اليڪشن ڪميشن جي اثر سوخ جو اندازو ٿي سگھي ٿو تھ ڪنھن بھ مقبول سياسي جماعت  جو نشان واپس وٺي ان کي سياسي ميدان کان ٻاھر ڪري سگھي ٿي

1992 ۾ جڏھن ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن  ٿيو ھو ان وقت بھ ان کان ان جو نشان لغڙ واپس نھ ورتو ويو ھو.پر  تحريڪ انصاف کي ھاڻي بيٽ جو نشان واپس  ملي ويو آهي. ٻئي پاسي جيڪي حالتون اميدوارن پاران نامزدگيءَ جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي موقعي تي پيش آيون، انھن ۾ سيالڪوٽ ۾ عثمان ڊار جي 70 سالن جي والدھ سان جيڪو واقعو پيش آيو ۽ ان وڊيو بيان ۾ الزام لڳايو تھ ھن ڳچي مان جھلي ڪپڙا ڦاڙيا ويا،ٻئي ھڪڙي وڊيو بيان ۾ ھڪ ٻئي وڊيو ۾ ھڪ ٻئي اميدوار جي زال ٻڌايو تھ ھن سان رٽرننگ آفيسر جي دفتر ۾ ڪاغذات جمع ڪرائڻ نھ ڏنا ويا. ھن کان ڪاغذ،روڪ ۽ موبائل فون ڦريا ويا،ھن سان بدسلوڪي ڪئي وئي.ھن کي ٿاڻي آندو ويو جيڪو ڪجھه انھن ٻڌايو ان کي لکت ۾ آڻڻ مناسب ناھي.ڪئين ھنڌن تان تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيا آھن.جنھن جي تشھير سموري دنيا ۾ ٿي آھي.جنھن جي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي موجود حالتن ۾ پاڪستان جون چونڊون تڪراري بڻجي چڪيون آھن.انھن حالتن ۾ ايندڙ حڪومت جا عھديدار اليڪشن چوري،جعلسازي،ظلم،جبر ۽ ڌمڪي ڌانڌلي جي الزامن جو طوق ڳچيءَ ۾ وجھي ڪري ڪيئن دنيا کي منھن ڏيکاريندا.

جڏھن تھ مسلم ليگ ن اھو تاثر ڏنو ھو تھ نوازشريف جي لنڊن مان اچڻ جي بعد سمورا معاملا  ٺيڪ ٿي ويندا.ان ڪري آڪٽوبر ۾ لنڊن  کان نوازشريف جي واپس ڊيفيڪٽو وزيراعظم جي حيثيت سان ٿي ھئي.سرڪاري سطح تي ھن  جي پذيرائي سان پردي جي پويان ھن جي سمجھوتي جي الزامن کي تقويت ملي رھي ھئي خود مسلم ليگ ن جا اڳواڻ اھو اعلان ڪري رھيا ھئا تھ انھن جي ڳالھ ٿي وئي آھي.سندن جماعت سادي اڪثريت يا ٻھ ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪندي،شريف خاندان جي پردي جي پويان امڪاني سمجھوتي جي تاثر عام ٿي وڃڻ ۽ مستقبل ان خاندان جي ڊگھي حڪمراني جي انديشي کي سامھون رکندي ان رٿ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ميدان ۾ اچي ويو آھي.

ظاھر آھي تھ شريف خاندان جو مڪمل غلبو پيپلزپارٽي جي سياست کي نقصان پھچائي سگھي ٿو.ھن جي سياسي ملاقاتن مان ظاھر ٿي رھيو آھي تھ ھو نوازشريف کي وزيراعظم بڻجڻ نھ ڏيندو.پھرين ھڪ انٽرويو ۾ ھن پاڻ کي وزيراعظم طور پيش ڪيو.گڏوگڏ ميڊيا ۾ پڻ نوازشريف جي ان راند جي خلاف گفتگو شروع ڪرائي ڇڏي.آصف علي زرداريءَ ڪجهھ اھم حلقن کي  پيغام موڪلي تحريڪ انصاف سان سيٽ ايڊجسٽمنٽ جي ذريعي نوازشريف جي ان رٿابندي کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو.اھڙي ريت آصف علي زرداري انھن حلقن ۾ پنھنجي اھميت مڃرائي ورتي آ.جنھن بعد اوچتو بلوچستان جي اھم سياستدان جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جي شروعات ٿي وئي، سرفراز بگٽي ۽ قدوس بزنجو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويا.خود نوازشريف جي ڪجهھ انتقام پسندي جي بيانن مان بھ آصف زرداري جو ڪم سولو ٿي ويو. ان ڳالھھ جا اشارا سامھون اچي رھيا آھن تھ سنڌ ۽ بلوچستان ھاڻي آصف زرداري جي اثر ۾ ھوندا.سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي ۽ ان جي اتحادين جي حڪومت ھوندي،ان گيم ۾ شامل ھڪ اھم ترين گروپ جھانگير ترين جو بھ آھي،جنھن پنجاب ۾ قومي ۽ صوبائي جي 70 کان 110 سيٽن جي فرمائش ڪري ڇڏي آھي ۽ نوازشريف سان سيٽ ايڊجسٽمنٽ جي ذريعي اھي سيٽون حاصل ڪرڻ چاھين ٿا.

استحڪام پاڪستان پارٽي نالي ھن نئين آيل سياسي جماعت ۾ ھمايون اختر بھ شامل ٿي ويو آھي،ھن کي پاڪستان جي امير خاندانن ۾ بھ شمار ڪيو وڃي ٿو. ان ڳالھه جو امڪان آھي تھ جيڪڏھن استحڪام پاڪستان پارٽي 70 سيٽون حاصل ڪري ورتيون تھ اھا سموري ملڪ مان ڪامياب ٿيندڙ تحريڪ انصاف جي آزاد اميدوارن کي گڏ ملائي ملڪ جي سڀني کان وڏي پارلياماني پارٽي بڻجي سگھي ٿي ۽ اھڙي صورت ۾ خود ھمايون اختر پڻ وزيراعظم بڻجي سگھي ٿو، انڪري مسلم ليگ ن جي اعليٰ قيادت کي ڳڻتي ورائي وئي آھي.جيڪڏھن انھن استحڪام پاڪستان پارٽي جي ڳالھھ مڃي ورتي تھ گيم ھنن جي ھٿ مان نڪري ويندي،في الحال استحڪام پاڪستان پارٽي انھن کان پنجاب جي وڏي وزير جو مطالبو ڪري رھي آھي.جيڪڏھن اھو مطالبو تسليم ڪيو ويو تھ عليم خان کي پنجاب جو وڏو وزير بنايو ويندو.منظرنامو ھي آھي تھ حالتون وڌيڪ استحڪام ۽ لاقانونيت ڏانھن وڃي رھيون آھن،ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قانون جي حڪمراني، امن امان،انصاف ۽ميريٽ جي نظام ۽ سمورن طبقن جي شراڪتداري ضروري آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.