ڪارپوريٽ فارمنگ جو عمل پاڪستان تي قبضي جي ڪوشش آهي: امداد قاضي

حيدرآباد (رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو آهي ته پرڏيهي پاليسين ۾ ڪلابازين ۽  دوکيبازين جي ڪري اڄ پاڪستان تي ڪو به ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ملڪ کي معاشي طور تي پنھنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪڏھن ڪا منصوبابندي نه ڪئي وئي، بدعنواني ۽ اسمگلنگ جي ذريعي ذاتي مفاد پورا ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي بنانا رياست ٺاھي ڇڏيو ۽ ملڪي معيشيت کي ڊاڪيومينٽيڊ به ٿيڻ نه ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ۾ “ڪارپوريٽ فارمنگ جي تناظر ۾ عالمي ۽ ملڪي صورتحال” جي عنوان ھيٺ ٿيل تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا ھن وقت سرمائيدارن جي تضادن جي نتيجي ۾ نئين صف بندي ۾ جڪڙندي پئي وڃي،  چونڊون شيڊول مطابق ڪرڻيون آھن يا نه ان بابت به آمريڪا ۾ فيصلا متوقع آهن، پاڪستان جي عوام کي ته صرف باڪس ۾ ووٽ وجھڻ جو اختيار حاصل آھي، جنھن کي جمهوريت چيو ويندو آھي، اڄ بلوچستان ۾ جيڪا خوني راند کيڏي پئي وڃي، جنھن جي نتيجي ۾ بلوچ عوام پاڪستان سان گڏ رھڻ جي خلاف ٿي رھيا آھن، ڪارپوريٽ فارمنگ جو عمل پاڪستان تي ٻاهرين ڪارپوريشنن جي سگهارن سان گڏ پارٽنرشپ جي ذريعي قبضي جي ڪوشش آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.