زمين ادارن بدران مقامي بي زمين ھارين کي ڏني وڃي:ٺهراءَ

ٺٽو: ڪانفرنس ۾ شامل سياسي، سماجي نمائنده ۽ سنڌ جا گھڻگھرا گڏيل طور تي قراردادون منظور ڪندي چيو ته زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ  سميت ملڪ جي مظلوم قومن جي زمينن تي قبضن جو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي. سنڌ جي ساحلي پٽي، ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ڪراچي جي زمينن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين، رهائشي اسڪيمن ۽ ٻين قبضاگيرن حوالي ڪرڻ جو ڪڌو ڪاروبار بند ڪيو وڃي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) تحت فوج سان لاڳاپيل گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو ڪمپني کي سنڌ جي 52 ھزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جيڪا زرعي فارمنگ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڏني وئي آھي. اهو فيصلو سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جو فيصلو آهي، اھو غير قانوني، غير آئيني، سنڌ دشمن، ملڪ دشمن فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي. سنڌ جي نگران سرڪار طرفان ترقي ۽ جديديت جي نالي ۾ سنڌ جي سياحتي ماڳن ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ کي نيلام ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي. ڪراچي جي اڍائي لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو ڪمپني حوالي ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي. هي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته اهو ملڪ دشمن سلسلو بند ڪيو وڃي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمين عالمي ڪمپنين ۽ فوجي ادارن کي ڏيڻ بدران مقامي بي زمين ھارين کي ڏني وڃي ۽ زرعي سڌارا ڪيا وڃن. زرعي انقلاب جي نعري ۾ سنڌين سميت بلوچن، سرائڪين، پختونن، ڪشميرين ۽ گلگتين  جي زمينن، وسيلن، پاڻي، جبلن ۽ ڪچي تي قبضن جا سلسلا بند ڪيا وڃن. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن وقت تائين سنڌ جي زمينن تي ڪيل قبضن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين غير جانبدار ججن جي اعلى عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي. ان ڪميشن جي سفارشن تي سنڌ جي زمينن تي قبضن ۾ ملوث قبضاگيرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ملڪ کي ڦري، لٽي معاشي طور ڏيوالو ڪڍي آمريڪي سامراج وٽ مڪمل گروي رکڻ جون سازشون بند ڪيون وڃن. سنڌو درياھ تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال جوڙڻ بند ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ذوالفقار آباد ۽ ٻين رھائشي اسيڪمن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي ڪيل قبضا بند ڪيا وڃن. ڪينجھر، ڪارونجهر، ھاليجي ڍنڍ، کيرٿر نيشنل پارڪ، گورک ھل ۽ گنجي ٽڪر سميت سنڌ جي سمورن تاريخي، ثقافتي ماڳن ۽ جبلن تي قبضا ڪرڻ  بند ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.