ترقي جي اوٽ ۾ سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن:زمينون، وسيلا بچايو ڪانفرنس

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ طرفان ٺٽي پريس ڪلب ۾ “سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو ڪانفرنس” منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن، شاعرن، وڪيلن، ليکڪن، سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي آڙ ۾  سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين ايم ايس گرين ڪارپوريٽ ڪمپني کي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن سنڌ جي وجود مٿان وار قرار. سنڌ جي سياحتي ماڳن کي نيلام ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آھي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته  پي ڊي ايم سرڪار ۽ پيپلز پارٽي ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي زمينن جو سودو ڪيو آهي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ طاقت جي زور تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. جوائنٽ وينچر فارمنگ منصوبن لاءِ ايم ايس گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو ڪمپني کي 52 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڏيڻ واري سنڌ جي نگران سرڪار جي فيصلي کي سنڌ جو عوام رد ٿو ڪري. هن چيو ته ڪينجهر، هاليجي ۽ هاڪس بي ريزارٽ ۽ رني ڪوٽ گيسٽ هائوس کي نيلام ڪرڻ جو نگران سرڪار جو فيصلو عوام دشمن آهي. ترقي جي آڙ ۾ وسيلن ۽ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته موسمي تبديلي کي روڪڻ لاءِ تمر جي ٻيلن جي پوکائي لاءِ سنڌ جي ساحلي پٽي جي سرڪاري زمين غير قانوني طور تي بلڊرز مافيا کي الاٽ ڪري سنڌ کي ڀيانڪ تباهي ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ تمر جي ٻيلن تي قبضو ماحولياتي بگاڙ کي جنم ڏيندو. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، نامياري اديب جامي چانڊيو، سينيئر صحافي دستگير ڀٽي، سينيئر صحافي نعمت کهڙو، عوامي تحريڪ مرڪزي نائب صدر حورالنسا پليجو، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاه، ڪالم نگار اسماعيل ميمڻ، اقبال جاکرو، سماجي اڳواڻ شفيع مرگهر، امير بخش جت، عبدالرشيد ميمڻ، عبدالغني عباسي، الهه جڙيو برفت، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مٺا خان لاشاري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نورنبي پليجو، گنهور خان زئور، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ڄام تماچي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سلميٰ لاشاري، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، زاهده لاشاري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مسعود انور پليجو، سماجي اڳواڻ جمشيد جوکيو، ابراهيم هيجپ، حسين آزاد، انور پالاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سال 2023 آگسٽ مهيني ۾ پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت ويندي ويندي غير جمھوري طاقتن سان ملي ڀڳت وسيلي بورڊ آف انويسٽمينٽ آرڊيننس 2001 ترميمي ايڪٽ پاس ڪري اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل نالي ادارو جوڙي ننڍن صوبن جي معدنيات، زمينن ۽ وسيلن تي زرعي انقلاب ۽ معاشي ترقي جي آڙ ۾ قبضن جو لائسنس جاري ڪري ڇڏيو. نگران حڪومت سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ان ڪمپني حوالي ڪئي آهي،جڏهن ته ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، هاڪس بي ريزارٽ ۽ رني ڪوٽ جو گيسٽ هائوس مختلف ڪمپنين کي نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ وفاق جي نگران حڪومت جنھن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري فقط ۽ فقط چونڊون ڪرائڻ آھي. نه موجوده  نگران سرڪار  ۽ نه ئي وري  ڪنھن به چونڊيل حڪومت کي ڪو اخلاقي ۽ قانوني حق آھي ته اصلوڪن ۽ قديمي رھواسين سنڌين، بلوچن ۽ سرائڪين جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪري ،هنن چيو ته سامونڊ پٽي جي هزارين ايڪڙ زمين عالمي ڪمپنين کي وڪرو ڪري رڪارڊ گم ڪيو ويو آهي. دارسي، ٻيٽ ميهار ۽ پير ڪجريو جي 25 هزار ايڪڙ زمين جا جعلي کاتا بنائي دبئي ۽ ٻين ملڪن جي ڪمپنين کي وڪرو ڪئي وئي آهي. 2010ع ۾ کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جي 690000 ايڪڙ زمين جا کاتا گم ڪري سرڪاري ڪامورن وسيلي جعلي کاتا ٺاهي عالمي ڪمپنين کي وڪرو ڪري مقامي رهواسين کي بي دخل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.