ڪوئيٽا (م ڊ) گم ٿيل بلوچن جي بازيابي ۽ عدالت کان مٿاهن قتلن خلاف لانگ مارچ اسلام آباد ڏانهن ڪوئيٽا کان جاري آهي. رکني شهر ۾ هزارين ماڻهو لانگ مارچ جي جلوس ۾ شريڪ ٿيا هي لانگ مارچ مڪران کان جھالاوان کان ٿيندو ساروان، شال، ڪوهستان ۽ ھاڻي ڪوهه سليمان جي دامن مان گذري رهيو آهي. هر علائقي ۽ هر شهر مان هزارين ماڻهو لانگ مارچ لاءِ نڪري رهيا آهن. اهي هزارين ماڻهو بلوچستان ۾ جاري ظلم ۽ قتل عام جو خاتمو چاهين ٿا،جڏهن ته ڊيراغازي خان پهچڻ تي پنجاب پوليس لانگ مارچ ۾ شريڪ عورتن سميت ماڻهن تي پوليس تشدد ڪيو ۽ گرفتاريون ڪيون،ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا هوڏانهن وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڊيرا غازي خان ۾ بلوچ سياسي ڪارڪنن کي ڳالهين جي بهاني تي غائب ڪيو ويو، وي بي ايم پي جو چوڻ آهي ته بلوچ راڄ ڊيرا غازي خان جي بلوچ چيئرمين عبدالله صالح. بساڪ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري آصف بلوچ، معراج خالد، جميل بلوچ ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن کي پوليس ڳالهين لاءِ گهرائي لاپتا ڪيو. جن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، پرامن جدوجهد کي تشدد سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي