لاهور(بيورو) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف پارٽي اڳواڻن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ اڳوڻو صوبائي وزير ملڪ محمد احمد خان پڻ موجود هئا، ملاقات ۾ پارٽي معاملن ۽ عام چونڊن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شهباز شريف نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ تي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته قوم مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي بحران جي عذابن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، نواز شريف کي قوم ۽ ملڪ جي سزا ڏني وئي.رڳو ڪيس ئي نه پر ڪيس ٺاهڻ وارا به ڪوڙا نڪتا،هن چيو ته پنهنجي پوري توجه ۽ صلاحيت قوم جي ترقي تي خرچ ڪنداسين، گذريل 16 مهينن دوران اسان جي ڏکين پر درست فيصلن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي.
اي اين پي پاران ڪراچي جي سمورن تڪن تان اميدوار بيهارڻ جو اعلان
ڪراچي(م ڊ) اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو آهي ته اي اين پي ڪراچي جي سمورن صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن تان اميدوار بيهاريندي،ڪراچي اولهه جي عهديدارن جي چونڊ تقريب کي خطاب ڪندي شاهي سيد چيو ته اي اين پي کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ بيوقوفن جي جنت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، اي اين پي تمام ڏکين حالتن جي باوجود مضبوط تنظيمي ڍانچي سان موجود آهي، مضبوط يوسي تنظيمون ئي اي اين پي جي ڪاميابي جون ڪنجيون آهن.هن چيو ته ڪراچي شهر جي مسئلن جو حل هتي جي مقامي قيادت وٽ آهي
نواز ليگ سان چونڊ اتحاد ناهي ٿيو: خالد مقبول صديقي
ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ ۾ چونڊ اتحاد ناهي ٿيو، هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته چونڊن جي تاريخ پٿر تي لڪير ثابت ٿيڻ گهرجي، ڪراچي کي سڀ کان وڌيڪ چونڊن جي ضرورت آهي.خالد مقبول صديقي چيو ته چونڊون جلد، صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن، پر اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيندي نظر نه ٿي اچي، ان باوجود اسن عام چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺنداسين