ڪويت جي امير جو لاڏاڻو: پاڪستان سرڪار پاران قومي سوڳ جو اعلان

اسلام آباد (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪويت جي امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح جي وفات تي تعزيت لاءِ (اڄ) ڪويت  جو هڪ ڏينهن جو دؤرو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪويت جي امير جي وفات تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان شاهي خاندان، حڪومت ۽ ڪويتي عوام سان تعزيت ۽ همدرديءَ جي اظهار لاءِ ڪويت جو هڪ ڏينهن جو دؤرو ڪندو.هوڏانهن پاڪستان حڪومت ڪويت جي امير شيخ انواف الاحمد الجابر الصباح جي لاڏاڻي تي 18 ڊسمبر تي هڪ ڏينهن ”قومي يوم سوڳ“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪابينه سيڪريٽيٽ طرفان ڪالهه جاري نوٽيفڪيشن مطابق نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت طرفان ڪويت جي امير جي وفات تي ڪويتي عوام ۽ شاهي خاندان سان يڪجهتيءَ لاءِ 18 ڊسمبر تي ”قومي يوم سوڳ“ ملهايو ويندو. ان موقعي تي سڄي ملڪ ۾ قومي جهنڊو جهڪيل رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.