ملڪي سياست تي عالمي ادارن جو قبضو آهي:فضل الرحمان

مردان(م ڊ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آمريڪا، يورپ ۽ اسلامي دنيا ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن پر اسرائيل چُرڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي.مردان ڪاتلنگ بابوزئي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسرائيل طاقت جي زور تي فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي،گڏيل قومن،سلامتي ڪائونسل ،انساني حقن جون تنظيمون سڀ ناڪام ٿي ويون آهن، هن چيو ته پرڏيهي ايجنٽ توهين رسالت جو ڪم ڪري رهيا آهن، مدرسي ۾ جيڪو ڪجهه سکيو آهي ۽ ان سان گڏ بيهنداسين. مدرسن خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو،هن چيو ته مدرسي جي شاگرد کي مارڻ تي گوڙ ڪندڙ فلسطين ۾ ظلم تي خاموش آهن، عالمي ادارن ۽ معاهدن ذريعي اسان کي غلام بڻايو ويو آهي، اسان جي سياست تي گڏيل قومن سميت عالمي ادارن جو قبضو آهي، پاڪستان وٽ ايٽم بم آهي پر ان جو اختيار اسان وٽ ناهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.