اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي ڪيس ۾ جنرل (ر) فيض حميد کي نوٽيس جاري ٿيڻ بعد جنرل فيض حميد کي فون ڪئي پر اٽينڊ نه ٿي، نامياري صحافي انصار عباسي موجب ان بعد جنرل فيض حميد جي هڪ ويجهي ذريعي کان معلوم ٿيو ته جنرل فيض جو چوڻ آهي ته اصل ۾ هو جڏهن آءِ ايس آءِ ۾ ڊي جي سي هو، ان وقت آءِ ايس آءِ جي هيڊڪوارٽر آڏو هڪ روڊ بند هو، ڇاڪاڻ ته دهشتگردي جا خدشا هئا، هڪ مرحلي تي جسٽس شوڪت صديقي اهو روڊ کولڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نويد مختار خدشي جو اظهار ڪيو ۽ برگيڊيئر عرفان رامي کي جسٽس شوڪت عزيز صديقي ڏانهن اماڻيو ته کيس روڊ کولڻ جي حساسيت بابت ٻڌايو وڃي پر اها ملاقات فائديمند ثابت نه ٿي جنهن بعد مونکي اماڻيو ويو ۽ وڃي جسٽس شوڪت عزيز سان ملاقات ڪري روڊ کولڻ بابت پنهنجي خدشي کان آگاهه ڪيو ان دوران غير رسمي ڳالهه ٻول به ٿي، باقي جيڪو جسٽس شوڪت عزيز دٻاءَ وارو الزام مڙهيو آهي اهو بلڪل غلط آهي، صحافي انصار عباسي موجب ڏسڻو آهي ته جنرل فيض حميد عدالت ۾ ڪهڙو بيان جمع ڪرائي ٿو، پر مليل ڄاڻ پڪي ذريعي جي ڏنل آهي.