8 فيبروري جون چونڊون عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻينديون: نواز شريف

لاهور ( م ڊ ) ن ليگ طرفان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون ڏيڻ جي تجويزن تي غور ويچار جاري  آهي، لاهور ۾ مرڪزي پارلياماني بورڊ جي جلاس ۾ نواز شريف بهاولپور ڊويزن مان اميدوارن جا انٽرويو ڪيا. ن ليگ جي پارلياماني بورڊ جو 11هون اجلاس پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت نواز شريف ۽ شهباز شريف گڏيل طور ڪئي ۽ اجلاس ۾ بهاولپور ڊويزن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ ٽڪيٽ جي خواهشمند اميدوارن کان انٽرويو ڪيا ويا. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته 8 فيبروري جي اليڪشن عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻيندي.

همايون اختر به آءِ پي پي جو مفلر پائي ڇڏيو، سينيئر نائب صدر مقرر

لاهور (م ڊ) همايون اختر خان تحريڪ انصاف ڇڏي استحڪام پاڪستان پارٽي ۾  شامل ٿي ويو. همايون اختر استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين ۽ صدر عبدالعليم خان سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي. جهانگير ترين همايون اختر کي پارٽي جو مفلر پارايو ۽ کيس شموليت تي مبارڪباد ڏني. پوءِ جهانگير ترين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي همايون اختر چيو ته 9 مئي واقعن سبب پي ٽي آءِ کان ڌار ٿيس، مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي. جهانگير ترين چيو ته همايون اختر کي مبارڪباد ڏيون ٿا، ان سان پراڻا لاڳاپا آهن، کيس پارٽي ۾ سينيئر نائب صدر جو عهدو ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.