خبردار رات جو دير سان کاڌو نه کائو! صحيح وقت ڪهڙو آهي؟

رات جو دير سان کاڌو کائڻ ظاهري طور تي نقصانڪار ناهي لڳندو پرهڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويوآهي ته رات جو 9 وڳي کان پوءِ کاڌو کائڻ سان فالج جا خطرا وڌي سگھن ٿا.
جرنل نيچر ڪميونيڪيشنز ۾ ڇپيل تحقيق ۾ محققن هڪ لک کان وڌيڪ فرانسيسين جو معائنو ڪيو. تحقيق ۾ شريڪ سڀني ماڻهن 15 فوڊ ڊائريز مڪمل ڪيون جن ۾ هنن هفتي جي ڪم وارن ڏينهن ۽ موڪلن وارن ڏينهن ۾ کاڌو کائڻ جي وقتن بابت ٻڌايو.
ڪُل انگ جو ٽيون حصو اهڙن ماڻهن تي ٻڌل هو جيڪي رات جو 8 وڳي کان پهريان رات جو کاڌو کائيندا هئا جڏهن ماڻهن جي ايتري ئي حصي رات جو 9 کان پوءِ کاڌو کاڌو.
ستن سالن تائين جاري رهندڙ ان مطالعي دوران دل جي دوري ۽ فالج سوڌو هزار جي ويجهودل جا ڪيس سامهون آيا.
اهي ماڻهو جن سڀ کان دير سان يعني رات جو 9 وڳي کان پوءِ رات جو کاڌو کاڏو هو انهن ۾ فالج يا مني اسٽروڪ جا امڪان رات جو 8 وڳي کان اڳ کاڌو کائيندڙن جي ڀيٽ ۾ 28 سيڪڙو وڌيڪ ڏٺا ويا.
محققن موجب انسان جي ارتقاءَ ڏينهن جو جلدي کائڻ سان ٿي آهي. مطالعا ٻڌائين ٿا ته بعد جي وقت ۾ کاڌو هضم ٿيڻ رت ۾ شگر جو مقدار ۽ بلڊ پريشر وڌائيندو آهي.
فرانس جي يونيورسٽي آف سوربون پيرس نورڊ سان واسطو رکندڙ تحقيق جي سينيئر ليکڪ ڊاڪٽر برنرڊ سرائور جو چوڻ هو ته ڪيترائي ماڻهو چوندا هئا ته رات جو کاڌو دير سان نه کائجي ۽ اها تحقيق ٻڌائي ٿي ته ان مشوري ۾ ڪجهه منطق هو.
ماهرن ٻڌايو ته هاڻي اسان جو معاشرو 7/24 آهي، جتي ماڻهن کي لڳندو آهيته هنن وٽ وقت ناهي، ۽ ان ڪري اسان رات جو دير سان کاڌو کائيندا آهيون. پر اهي ماڻهو مصروف هجڻ جو سوچي دير سان کاڌو کائيندا آهن انهن جو ائين ڪرڻ سندن صحت لاءِ خطرا وڌائي سگھي ٿو ۽ اهو رجحان عورتن ۾ وڌيڪ نظر ايندو آهي. تحقيق مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جي تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.