ملڪ ۾ 15 جون تائين موسم وڌيڪ گرم رهڻ جو امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 15 جون تائين موسم شديد گرم رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي هڪ ٻن ڏينهن جي وقفي بعد ٻيهر گرمي پد وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي موجب ملڪ جي ميداني علائقن ۾ سڀاڻي به گرمي جو راڄ رهڻ جا امڪان آهن، جڏهن سڄي ملڪ ۾ 15 جون تائين موسم وڌيڪ گرم ڪرڻ رهندو.
لاهور ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته اسلام آباد ۽ پشاور ۾ 44، ڪراچي ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي محسوس ڪئي ويندي.
بهاولپور، ڊي جي خان، ملتان، فيصل آباد، سرگوڌا، نوابشاهه، سکر ۽ حيدرآباد سميت سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ يا ان کان وڌيڪ رهندو.

Pakistan Weather Karachi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.