ميرپورماٿيلو: شهيد نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، قاتلن جي گرفتاري جي گهر

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ۾ پريا ايڪشن ڪميٽي، جسقم شھيد بشير خان قريشي، جيئي سنڌ تحريڪ، جسقم آريسر پاران معصوم پريا ڪماري جي آزادي ۽ صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.
ميڙاڪي ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شھيد نصرالله گڏاڻي جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
ميڙاڪي جي شروعات قومي تراني سان ڪئي وئي، جنهن بعد عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي فقير رمضان ڪلوڙ، سُھيل ڪلوڙ، وحيد سنڌي، حنيف سومرو، وقار بوزدار، محسن ڪورائي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته صحافي نصرالله گڏاڻي ھڪ شعور ھيو، ان شعور کي ھميشه لاءِ ختم ڪيو ويو آهي.
هنن چيو ته قاتل وڏا بااثر آهن ۽ انهن کي پوليس ڪڏهن گرفتار نه ڪري سگهندي، ڇو ته اها به وڏيرن جي ڪمداري ڪري ٿي، تنهن ڪري جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ته جيئن اصل ڪردار وائکا ٿي سگهن.

nasrullahgadani awamiawaz ghotki

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.