ڀان سيد آباد (رپورٽ: آدم مينگل) ڀان سيدآباد ۾ ڳوٺاڻن مولوي تي ٻار تي تشدد جو الزام هڻندي سندس گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ڳوٺ وڏا ڀنڊ واسين محرم رودناڻي، صدام، سلام، جمن ۽ مير رودناڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڀان پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
هنن الزام هنيو ته مولوي محبوب لغاري چئن سالن جي معصوم نينگر سجاد پٽ صدام رودناڻي کي مسجد ۾ بند ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي بيهوشي واري حالت ۾ ڪمري کي بند ڪري پاڻ فرار ٿي ويو.
سندن چوڻ هو ته اسان خداآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ وياسين پر پوليس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري اسان کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ظالم مولوي کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.
You might also like