ڪراچي ۾ ڦر واردات دوران مزاحمت تي گولڊ ميڊلسٽ نوجوان قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڏينهن ڏٺي ڦر جي واردات دوران هڪ ٻيو نوجوان قتل ٿي ويو.
خابرو اداري موجب ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ ڦر جي واردات دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڏوهارين نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه هٿياربند ٻي موٽرسائيڪل کي روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڏوهارين ارتقا نالي نوجوان تي گوليون وسائي ڇڏيون.
پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي ٻه سال اڳ شادي ٿي هئي، مقتول نوجوان مڪينيڪل انجنيئر ۽ گولڊ ميڊلسٽ هو، پورٽ قاسم تي ڪيميڪل فيڪٽري ۾ اسسٽنٽ مينيجر طور ڪم ڪندو هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.