سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيدين جو انگ تيزيءَ سان وڌڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڏوهن جي وڌندڙ واقعن سبب سينٽرل جيل قيدين سان ڀرجي وئي.
هلندڙ سال جي شروعاتي 5 مهينن ۾ 6 هزار ڏوهاري ڪراچي سينٽرل جيل منتقل ڪيا ويا.
سڀ کان وڌيڪ هڪ هزار 371 جوابدار اپريل مهيني ۾ سينٽرل جيل موڪليا ويا.
جنوري جي مهيني ۾ هڪ هزار 195، فيبروري ۾ هڪ هزار 29، مارچ ۾ هڪ هزار 287، اپريل ۾ هڪ هزار 371 ۽ مئي جي مهيني ۾ هڪ هزار قيدين کي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.

karachi centraljail sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.