ڪراچي( رپورٽر) مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد بهارين کي پاڪستان گهرائڻ جو مطالبو ڪندي سندس سفري خرچ ڀرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي آفاق احمد چيو ته بنگلاديش ۾ ڦاٿل پاڪستاني ملڪي معيشت تي بار نه ٿيندا، کين پاسپورٽ جاري ڪيا وڃن. آفاق احمد چيو ته اي پي ايس سانحو افسوس ناڪ آهي. دهشتگرد ڳالهين سان مضبوط ٿيندا آهن. جلد پاڪستان ٽوڙيندڙن کي سزا ملندي.