عمران خان جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس

لاهور(م ڊ) لاهور ها ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي توشا خان ڪيس ۾ نااهلي خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت پي ٽي آءِ کي ٻيهر انٽرا پارٽيچونڊون ڪرائڻ خلاف پڻ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، لارجز بينچ اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ٻيهر ڪرائڻ جي حڪم خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.

اي پي ايس جي  شهيدن جي اڄ نائين ورسي

فيصل آباد(م ڊ) ”اسان توهان کي نه وساريو آهي نه وسارينداسين ڪڏهن“ جي عنوان سان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحه 16 ڊسمبر 2014 ع جي معصوم شهيدن کي خراج عقيدت ۽ انهن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ نائين ورسي 16 ڊسمبر ڇنڇر ڏينهن تي سنڌ  سميت سڄي ملڪ ۾ انتهائي احترام سان ملهائي ويندي ۽ سمورن مسجدن ۾ خصوصي دعائن سميت قرآن خواني به منعقد ڪئي ويندي .

جسٽس قاضي فائز جي پرڏيهه روانگي، جسٽس طارق مسعود وقتي چيف جسٽس

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي پرڏيهه وڃڻ سبب جسٽس سردار طارق مسعود کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پرڏيهه وڃي رهيو آهي، ان ڪري سندس  يرموجودگي ۾ سردار طارق مسعود وقتي چيف جسٽس هوندو، سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پرڏيهه روانو ٿيندو،صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي سينيئر ترين جج سردار طارق مسعود کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪيو ويو .

بجلي اگهن ۾ گهٽتائي تي ڪم ايندڙ مهيني تائين مڪمل ڪيو ويندو: محمد علي

اسلام آباد ( م ڊ ) نگران توانائي واري وزير محمد علي جو چوڻ آهي ته هو بجلي جي ٽيرف ۾ گهٽتائي تي ڪم ڪري رهيا آهن، ايندڙ مهيني تائين ٽيرف تي ڪم مڪمل ڪيو ويندو. سينيٽ جي بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نگران توانائي واري وزير محمد علي ڪميٽي کي ٻڌايو ته ماضي جي غلطين تي ڳالهائڻ جو ڪو به جواز ناهي، ماضي ۾ معاهدا ڊالرن ۽ گهڻي منافعي تي ڪيا ويا. هن چيو ته بجلي جي موجوده قيمتن تي صنعتن لاءِ مسئلا آهن، پاڪستان ۾ صنعتن لاءِ بجلي جا اگهه 16 سينٽس تائين آهن جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ اهي ريٽ 9 سينٽس تائين آهن. هن وڌيڪ چيو ته خانگي شعبي مان ماڻهن کي ڊسڪوز ۾ آندو ويندو،ملڪ ۾ بجلي جو استعمال وڌائڻو آهي، ان لاءِ بجلي جي ٽرانسميشن سسٽم کي بهتر ڪرڻو پوندو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري خلاف درخواست تي لارجر بينچ  قائم

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ عام چونڊن لاءِ پنجاب جي بيوروڪريسي مان ريٽرننگ آفيسر وٺڻ خلاف داخل درخواست تي لارجر بينچ جوڙي ڇڏي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ ايندڙ سومر تي ٻڌڻي ڪندي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس شهرام سرور چوڌري، جسٽس سردار سرفراز ڊوگر، جسٽس سلطان تنوير ۽ جسٽس جواد حسن شامل آهن. سنگل بينچ چونڊن لاءِ بيوروڪريسي جون خدمتون وٺڻ جو اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفيڪيشن معطل ڪندي درخواست تي لارجر بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.