ميڊيا کي ڏيڍ ارب جون رهتون هن مهيني ئي ادا ڪنداسين: محمد احمد شاهه

ڪراچي (پ ر) سنڌ جي اطلاعات، سماجي تحفظ ۽ اقليتي معاملن واري وقتي وزير محمد احمد شاهه چيو آهي ته اسان ميڊيا جي مسئلن کان چڱي ريت واقف آهيون، سنڌ جي نگران حڪومت جي شفافيت  سڀني جي سامهون آهي، اسان به آهيون. چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيارآهيون، فنڊز به جاري ڪيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي ايڊيٽرز جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات نديم ميمڻ، سي پي اين اي جو سينيئر نائب صدر عامر محمود، سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن جا ايڊيٽر پڻ موجود هئا. محمد احمد شاهه چيو ته اشتهارن لاءِ 50 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا آهن، اسان 3 قسطن ۾ ادائيگين تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته ميڊيا کي موجوده ادائيگين لاءِ هڪ اڍائي ارب رپيا جاري ڪيا وڃن، اشتهارن جو موجوده حجم 2 ارب 35 ڪروڙ رپيا آهي. هن ئي مهيني ۾ اٽڪل 2 ارب رپيا ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته نگران حڪومت دوران ڪنهن سان به زيادتي نه ڪئي ويندي، قومي ۽ علائقائي اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويندا ۽ کين پگهارون به ڏنيون وينديون. سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته ورلڊ بينڪ سوشل پروٽيڪشن تحت سنڌ جي غريب ترين 17 ضلعن ۾ جيڪا به عورت ڳورهاري ٿيندي ان کي ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ 30 هزار رپيا ادا ڪيا ويندا ۽ ان جي ڊيٽا ويجهي بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ رجسٽر ڪرائي ويندي. ان 200 ملين ڊالرن لاءِ ورلڊ بئنڪ جو اڌ حصو پهرين ڏينهن کان ادا ڪيو ويندو ۽ سنڌ حڪومت جو حصو 20 ملين ڊالر آهي، ان لاءِ پڻ آگاهي مهم شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل زندهه گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين پر پر مقابلو ٿيو ته ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي.  محمد احمد شاهه کي سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق طرفان شيلڊ ۽ وائيس چيئرمين عامر محمود پاران روايتي اجرڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو ويو. ان کان اڳ سي پي اين اي سنڌ جي نائب صدر عامر محمود نگران اطلاعات واري وزير سنڌ محمد احمد شاهه جو سي پي اين اي آفيس اچڻ تي شڪريو ادا ڪيو. سي پي اين اي جي نائب صدر عارف بلوچ، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل حامد حسين عابدي، فنانس سيڪريٽري غلام نبي چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري مقصود يوسفي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، سعيد خاور، احمد اقبال بلوچ، عبدالخالق علي، عبدالسميع، علي بن يونس، علي حمزه. افغان، مدثر عالم، سيد مدثر، بلقيس جهان، صحبت علي ٻرڙو، نسيم اختر شيخ، محمود عالم خالد، عمران ڪورائي، ڪاشف حسين ميمڻ، نصرت مرزا، سلمان قريشي، شاهد ستي، هارون رشيد ۽ محمد حنيف پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.