جنرل (ر) راحيل مدي ۾ واڌ عيوض پاناما ڪيس حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي: عرفان صديقي

اسلام آباد ( م ڊ )  پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عرفان صديقي چيو آهي ته جنرل رٽائرڊ راحيل شريف پنهنجي مدي ۾ واڌ جي بدلي ۾ پاناما معاملو حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي عرفان  صديقي چيو ته جنرل راحيل شريف بار بار ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو پيغام موڪليندو رهيو، آخر هن سڌي ريت نواز شريف کان واڌ جو مطالبو ڪيو ۽ پاناما معاملو حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي. عرفان صديقي چيو ته جنرل رٽائرڊ راحيل شريف جي آڇ کي نواز شريف رد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.