اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو آر اوز ۽ ڊي آر اوز بابت فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ اليڪشن ڪميشن کي ان ئي ڏينهن ئي چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سينيئر ججن سان چيف اليڪشن ڪمشنر جي ملاقات کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ جوڙي وئي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڙيل بئنچ ۾ جسٽس طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه شامل هئا. سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري اڳتي آر اوز ۽ ڊي آر اوز بابت درخواستن تي ڪارروائي نه ڪرڻ جھي هدايت ڪئي، جڏهن ته بئريسٽر عمير نيازي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو. عدالت فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان رات 12 وڳي تائين چونڊ شيڊيول جاري ڪري، هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان تضاد آهي. سپريم ڪورٽ موجب 13 ڊسمبر جي حڪم نامي خلاف اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ سيڪشن 50 جي سب سيڪشن 1 بي ۽ 51 جي سب سيڪشن 1 کي غير آئيني قرار ڏنو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته اليڪشن ايڪٽ جون اهي ٻئي شقون گذريل چونڊون ۾ به هيون پر ڪڏهن چئلينج نه ڪيون ويون. عدالتي حڪم ۾ لکيو ويو ته عام چونڊن جي معاملي تي تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ذريعي چونڊون 8 فيبروري تي طئي ٿيون، سڀني صوبائي حڪومتن سپريم ڪورٽ جي نمائندگي ڪئي هئي، اسان پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪو به جمهوريت کي ڊي ريل نه ڪري. حڪم نامي موجب اليڪشن ڪميشن وڪيل ٻڌايو ته چونڊن جي حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون، اليڪشن ڪميشن وڪيل چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رهيو ته 8 فيبروري تي چونڊون نه ٿي سگهنديون، اڄ چونڊ شيڊيول جاري ٿيڻو هو. سپريم ڪورٽ حڪم ۾ لکيو ته عمير نيازي کي توهين عدالت قانون تحت شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو پيو وڃي ۽ ان خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلايو ويندو، عمير نيازي ٻڌائي ته ان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو نه هلائي وڃي؟
اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون. سپريم جي حڪم بعد شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن شيڊول موجب اميدوار 20 کان 22 ڊسمبر تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا. نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 24 ڊسمبر کان 30 ڊسمبر تائين ڪئي ويندي، نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ جي صورت ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 3 جنوري 2024 آهي. پڌرائي موجب 10 جنوري 2024ع اپيلن تي اپيليٽ اٿارٽي جي فيصلن جو آخري ڏينهن هوندو. اليڪشن شيڊول موجب 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان جاري ڪيا ويندا، اميدوارن جي حتمي لسٽ 11 جنوري تي جاري ڪئي ويندي. نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 12 جنوري 2024 آهي. پڌرائي موجب 10 جنوري 2024ع اپيلن تي اپيليٽ اٿارٽي جي فيصلن جو آخري ڏينهن هوندو. اليڪشن شيڊول موجب 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان جاري ڪيا ويندا، اميدوارن جي حتمي لسٽ 11 جنوري تي جاري ڪئي ويندي، نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 12 جنوري 2024 آهي. اليڪشن ڪميشن آر اوز ۽ ڊي آر اوز جي ٽريننگ به بحال ڪري ڇڏي آهي.