آرمي چيف جون اهم آمريڪي حڪومتي ۽ فوجي عملدارن سان ملاقاتون

راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير آمريڪا جي دؤري دوران آمريڪا جي حڪومتي ۽ فوجي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ ٻه طرفي دلچسپيءَ جي معاملن، عالمي ۽ علائقائي سلامتي ۽ جاري تڪرارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ ۾ ٻه طرفي سهڪار جي امڪاني موقعن جي ڳولا لاءِ گڏيل رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق آمريڪا جي دؤري دوران آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن، دفاع واري سيڪريٽري جنرل لائيڊ جي آسٽن، نائب آمريڪي پرڏيهي وزير وڪٽوريه نولينڊ، نائب قومي سلامتي جي صلاحڪار جوناٿن فائز ۽ آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل چارلس ڪيوبران سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري شعبي ۾ سهڪار ۽ دفاعي سهڪار کي گڏيل تعاون جو بنياد قرار ڏنو ويو. آرمي چيف ڪشمير مسئلي کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. آرمي چيف اتي رهندڙ پاڪستانين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي انتظام هيٺ آجياڻي ۾ آرمي چيف پاڪستاني برادريءَ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. هن ايس آءِ ايف سي ذريعي سيڙپڪاري ڪندڙ پرڏيهين جي آجيان ۽ حوصله افزائي ڪئي،  جن پهريان ئي مختلف شعبن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. آرمي چيف ان ڳالهه تي روشني وڌي ته آمريڪا پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏي روانگي واپار جي مارڪيٽ آهي جيڪا اسان جي ڪل روانگي واپار جو 21.5 سيڪڙو آهي.  هن تنوير احمد سان به ملاقات ڪئي، جنهن پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي ترقي جي شعبي نسٽ لاءِ 9 ملين ڊالرن جو عطيو ڏنو هو. آرمي چيف سندس تعريف ڪندي ـ چيو ته پاڪستان کي توهان جهڙن هيروز تي فخر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.