سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽ اگهن ۾ هٿرادو واڌ خلاف جيالا روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ اگهن ۾ واڌ خلاف پيپلزپارٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽  اگهن ۾ هٿرادو واڌ جي خلاف ٽنڊو محمد  خان ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، شهر جي الفتاح چوڪ کان اڳوڻي ايم پي اي، ضلعي صدر سيد اعجاز حسين شاھ بخاري، جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومرو، ضلعي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر مير حسن ملاح، يوٿ اڳواڻ سيد سلال شاھ، ميونسپل چيئرمين سيد شاهنواز شاھ بخاري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي کوٽ ۽ بيلڪ تي وڪرو ٿيڻ خلاف پيپلزپارٽي طرفان احتجاج ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي حاجي قمر الدين گوپانگ، رئيس غلام محمد اسراڻ، نياز چانڊيو، ڊاڪٽر اقبال بروهي، مجيب الرحمان ڀٽو ،لياقت علي گوپانگ، ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ٺٽي ۾ پيپلز پارٽي ضلعي سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنھور ميمڻ، امتياز قريشي، امتياز شاھ شيرازي، ممتاز جلباڻي، حميد سومرو، ڀورو سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، پيپلزپارٽي جي مرڪزي سڏ تي بينظير آباد ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ کان ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، راشد چانڊيو، نرگس ٽانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، بلاول چوڪ قاضي احمد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته دادو ۾ پڻ زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگو ڪري وڪرو ڪرڻ خلاف پيپلز پارٽي جا جيالا احتجاج ڪري روڊن تي نڪري آيا، پ پ اڳواڻ بابن خان پنهور، عرفان سولنگي، سرفراز نبي لنڊ، مظهر ڪوريجو، جان محمد پهوڙ، عبدالمطلب پنهور، حافظ يامين پنهور، محمد حسن قمبراڻي، حاجي لياقت سومرو، شمس الدين ٻٻر ۽ ٻين پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  زرعي ڀاڻ جا اگهه ٻيڻا ۽ ٽيڻا ٿي ويا آهن، سنڌ بنيادي طور تي هڪ زرعي صوبو آهي پر ان جي زراعت تباهي جي ڪناري تي آهي، هارين پاران پوکيل فصل به تباهه ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري هاري وڌيڪ مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين ۽ ڊيلر ملي ڀڳت سان ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪري آبادگارن ۽ هارين کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، خريف جي فصل ۾ ساڳئي روش رکي ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪري فصلن کي نقصان رسايو ويو هو ۽ هاڻي ربيع ۾ به ساڳيو ئي ورتا رکيو ويو آهي، ڀاڻ جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.