ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز هدايت ڪئي آهي ته سڄي سنڌ مان ڇتن ڪتن جي چڪڻ سبب فوت ٿيندڙ مريضن جا انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ۽ ايمرجنسي وارڊن ۾ صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين ڊي ايڇ ڪيو سطح تي ريبيز ڪائونٽر قائم ڪيا وڃن . ڊاڪٽر نسيم صلاح الدين چيو ته انڊس اسپتال تحت سڄي سنڌ ۾ 14 ريبيز روڪٿام سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، ڪتي جي چڪ جي مريضن جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڄاڻ مليل آهي، ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز ڪراچي عبدالحميد جماڻي چيو ته ريبيز بابت ماڻهن کي بنيادي آگاهي ۽ تربيتي ورڪشاپ ڪرائڻ جي ضرورت آهي.
-
جي ڊي اي پاران قومي ۽ صوبائي اسيمبلي تڪن تي اميدوارن کان درخواستون وصول
ڪراچي(رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس پاران پوري صوبي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي تڪن تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي فيصلي کانپوءِ اميدوارن کان درخواستون وٺڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ جي ڊي اي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، سردار عبدالرحيم، حسنين مرزا ۽ ٻين اميدوارن کان درخواستون وصول ڪيون، سنجهوري مان اڳوڻي ايم پي اي وريام فقير، کپري مان اڳوڻي ناظم حاجي خدابخش درس ۽ ٻين درخواستون جمع ڪرايون آهن، جڏهن ته درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 22 ڊسمبر آهي.
-
غزا جنگ خلاف بائيڊن انتظاميا جي عملي پاران وائيٽ هائوس ٻاهران احتجاج
واشنگٽن/برسلز(م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن جي انتظاميه جي عملي سندس سرڪاري رهائشگاهه وائيٽ هائوس ٻاهران احتجاج ڪري غزا ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. الجزيره موجب آمريڪي پرڏيهي آفيس جي اڳوڻي عهديدار جوش پال جنهن اسرائيل کي وڏي پئماني تي فوجي امداد فراهم ڪرڻ جي آمريڪي قدمن خلاف احتجاج ڪندي گذريل آڪٽوبر ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني هئي، ان موقعي تي مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو. مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ وڌيڪ انگ عورتن جو هو. جن جي مٿي تي فسلطيني ڊزائين وارا رومال مٿي تي ٻڌل هو. مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙ وائيس هائوس سامهون غزه ۾ شهيد ٿي ويلن جي ياد ۾ فلسطيني جي ياد ۾ ميڻ بتيون ٻاريون ۽ گل رکيا
-
ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلو، پنجاب واسي 2 ڦورو مارجي ويا
ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڪامران چورنگي ويجهو مبينا مقابلي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا. پوليس موجب مقابلي دوران پنجاب جي علائقي چيچا وطني سان تعلق رکندڙ 2 ڦورو جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويا. جن جي سڃاڻپ قلب علي ۽ محمد رمضان طور ٿي آهي. مارجي ويل ڏوهارين جي قبضي مان هٿيار، گوليون، موبائيل فون ۽ موٽرسائيل هٿ ڪئي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته گشت تي مقرر پوليس پارٽي شڪي موٽر سائيڪل سوارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي جوابدارن فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ ٻئي ڦورو زخمي ٿيا، زخمن جا سور نه سهندي ٻنهي ٻنهي ڦورن دم ڏنو.