ڪرپٽ سياستدان مون کي بدنام ڪن ٿا ته عوام منهنجو ساٿ ڏئي ٿو: جمائما

لنڊن(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما گولڊ سمٿ آصف زرداري جي الزامن تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته  ڪرپٽ سياستدان مون کي بدنام ڪن ٿا ته عوام منهنجو ساٿ ڏئي ٿو. هن سياسي ولاگرن کي پئسن ڏيڻ جي پاڻ تي لڳل الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته هو پاڪستانين جي خوشحالي جي دعا گهري رهي آهي. جمائما گولڊ سمٿ آصف زرداري جي الزامن جو جواب ڏيندي چيو ته ظاهر آهي اهو سچ ناهي، مان رڳو پاڪستان ۾ امن ۽ خوشحالي جي خواهشمند آهيان. هڪ ٻئي سوشل ميڊيا ٽوئيٽ ۾ جمائما پاڪستاني سوشل ميڊيا صارفين جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستان زنده آباد جو نعرو هنيو. هن چيو ته جڏهن ڪرپٽ سياستدان مون کي بدنام ڪندا آهن ۽ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ته عام پاڪستاني هميشه منهنجو دفاع ۽ حمايت ڪندو آهي، اوهان سڀني جا ٿورائتا آهيون. واضح رهي ته آصف زرداري چيو هو ته ولاگرن کي جمائما پيسا ٿي ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.