آفيس،اسٽاف نه رکندڙ ميڊيا ادارن کي اشتهار نه ڏنا وڃن: پي ايف يو جي

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ (پي ايف يو جي) ۽ ڪي يو جي، جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ قتل ٿيل صحافين  جي اڻ ڌري جاچ لاءِ پوليس ڪميٽين بدران هڪ غير جانبدار ڪميشن جوڙي وڃي، سنڌ جرنلسٽ پروٽيڪشن ڪميشن ۾ عورت صحافي نمائندن کي کنيو وڃي، صحافت مان پارٽ ٽائيم صحافت ڪندڙن جي ادارن مان ڇانٽي ڪئي وڃي، آفيس، اسٽاف ۽ رپورٽر نه رکندڙ ڊمي ادارن کي اشتهار ڏيڻ بدران انهن جي سرڪيوليشن ختم ڪئي وڃي. اهي مطالبا خميس ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ انٽرنيشنل فيڊرل آف جرنلسٽ ( آئي ايف جي) جي سهڪار سان پي ايف يو جي طرفان صحافين جي پروفيشنل صلاحيتن ۽ صحافين جي قانوني حقن جي ڄاڻ بابت هڪ ورڪشاپ ۾ ڳالهائيندي ڪئي وئي. ورڪشاپ ۾ پي ايف يو جي، جي جنرل سيڪريٽري جي ايم جمالي ڳالهائيندي چيو ته صحافين جي اڪثريت پنهنجي مزدور قانوني حقن جي ڄاڻ موجود نه آهي پي اي ايف يو جي، جي اڳواڻ شير بانو چيو ته ڪرونا جو وبا جو وڏو اثر عورت صحافين مٿان پيو، رستا، ٽرانسپورٽ ، بيٽ پروگرام بند ٿيڻ سبب اهي گهرن تائين محدود ۽ بي روزگار ٿي ويون، جيڪي ادارن ۾ رهيون انهن جون پگهارون گهٽجي ويون ۽ عورت مرد صحافين کي يونين جي اهميت ۽ طاقت جو احساس نه آهي، ڪي يو جي اڳواڻ حسن عباس چيو ته صحافي مزدور 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم ڪري ٿو، يونيورسٽين جي ماس ڪميونيڪيشن ۾ صحافين کي اڻ پورا پروفيشنل ضابطا پڙهايا وڃن ٿا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.