پيپلزپارٽي جو ڀاڻ جي بحران ۽ بليڪ تي وڪري خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر) پيپلز پارٽي يوريا ڀاڻ جي بحران ۽ بليڪ تي وڪري خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. پ پ سنڌ جي صدر  نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته بليڪ مارڪيٽنگ خلاف احتجاج ڪيو ويندو، پيپلز پارٽي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاج ڪندي. نثار کهڙي چيو ته ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪرڻ سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ برابر آهي، مزدور احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ 70 سيڪڙو زراعت پيدا ڪندڙ صوبو آهي، زرعي ماڻهن کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ ملڪي معيشت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. نثار کھڙو چيو ته پيپلز پارٽي زراعت جي تباهي ۽ عوام جو معاشي قتل ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏيندي، نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومت فوري طور تي سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪري ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.