عقيل عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر،نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (رپورٽر) وقتي چيف جسٽس عقيل عباسي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو ، ٻه مهينا اڳ سنڌ هاءِ  ڪورٽ جي سينيئر جسٽس عقيل عباسي کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو هو، قانون واري وزارت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي جي مقرري  جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

  • پ پ جي پارلياماني بورڊ اميدوارن کان انٽرويو ورتا

ڪراچي(رپورٽر) پ پ جي پارلياماني بورڊ پ پ عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر جي سربراهي ۾ ڪراچي جي ٽن ضلعن جي  اميدوارن کان انٽريوز ورتا، بلاول هائوس ۾  پارلياماني بورڊ ڪراچي ڏکڻ، ڪراچي اوڀر ۽ ڪورنگي ضلعن جي اميدوارن کان انٽرويوز ورتا، اميدوارن کان عوام سان رابطن، عوام جي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت سوال ڪيا ويا. جڏهن ته پارلياماني بورڊ جي ميمبرن ۾ قائم علي شاهه، نثار کهڙو، مراد علي شاهه، ناصرحسين شاهه، سعيد غني، مڪيش ڪمار چاولا، ۽ ٻيا موجود هئا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.