لاهور (م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ عام چونڊن لاءِ پنجاب جي بيورو ڪريسي کان ريٽرننگ آفيسر وٺڻ خلاف داخل درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي عام چونڊون ايگزيڪٽو کان ڪرائڻ جو اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفيڪشن معطل ڪري ڇڏيو . جسٽس علي باقر نجفي پنجاب ۾ چونڊون ايگزيڪٽو کان ڪرائڻ خلاف درخواستن تي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي،جسٽس علي باقر نجفي تحريڪ انصاف جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌايو . گذريل ڏينهن جسٽس علي باقر نجفي عمير نيازي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته عدالت اليڪشن ڪميشن جو آراوز۽ ڊي آر اوزلاءِ بيورو ڪريسي جي مقرري جو فيصلو غيري قانوني قرار ڏي،فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته زميني حقيقتن مطابق درخواست جي پارٽي کي ليول پليئنگ فيلڊ ميسر ناهي، ليول پليئنگ فيلڊ جي عدم دستيابي تي آزاداڻي راءِ رکندڙ ڪيترن ئي گروپن سنجيده نوٽيس ورتو آهي، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ چونڊ عملي جي تربيت معطل ٿيڻ سان اليڪشن جو عمل رولڙي ۾ پوڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي،
اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 8 فيبروري تي اليڪشن ڪرائڻ جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، موجوده صورتحال ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن طور تي ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي، هڪ بيان ۾ اليڪشن ڪميشن چيو ته عمران خان جا الزام عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، ڊي آر اوز ۽ آراوز جي مقرري ڪئي وئي هئي، سڄي ملڪ ۾ تربيت به شروع ڪري ڇڏي هئي،ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ ڊي آراوز ۽ آراوز جي مقرري کي چئيلنج ڪيو، ڊي آراوز۽ آراوز جي مقرري جي معطلي کانپوءِ جي صورتحال تي غور ڪيو، جلد ئي ان تي آئنده جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو، هوڏانهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرز ۽ ريٽرننگ آفيسرن جي جاري ٽريننگ کي روڪي ڇڏيو آهي. خميس ڏينهن اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تاريخ 11 ڊسمبر 2023ع جي معطلي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن ۽ ريٽرننگ آفيسرن جي جاري ٽريننگ کي روڪي ڇڏيو آهي.