ڪراچي ( رپورٽر ) راڻي پور جي پيرن جي حوالي ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل فاطمه ڦرڙو ڪيس جي سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد جاچ ڪميٽي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي. صحت کاتي جي نگران وزير سعد خالد نياز جي سربراهي ۾ فاطمه ڦرڙو ڪيس بابت قائم جاچ ڪميٽي جي ميمبرن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ جاچ ڪيمٽي جي چيئرمين پروفيسر وحيد ناهيون ۽ ڊاڪٽر سعيد خان آصف قريشي، ايل ايم سي جي انچارج پروفيسر علي ورا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صوبائي وزير پاران رپورٽ کي رد ڪندي جاچ ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر وحيد ناهيون تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو. صوبائي وزير سعد خالد نياز چيو ته ڪميٽي جي چيئرمين جي لاپرواهي سبب رپورٽ مون کي ملڻ بدران ميڊيا تي ليڪ ڪرائي وئي، صوبائي وزير چيو ته ڊي اين اي جا نمونا هاڪاري اچڻ تي ليبارٽري پاران اعليٰ آفيسرن کي آگاهي ۾ به ڪوتاهي ڪئي وئي، اجلاس دوران ميمبرن پاران لمس ڄامشورو ليبارٽري طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ غلطين ۽ پيشواراڻي قابليت جي گهٽتائي تي به سخت تنقيد ڪئي وئي. سنڌ جي صحت کاتي موجب زيادتي کانپوءِ فاطمه جو گيسٽرو اينٽرولوجسٽ چيڪ اپ ڪيو، جنهن فاطمه سان زيادتي جي تصديق نه ڪئي، جنهن بعد شڪارپور جي ٻن لاڳاپيل ڊاڪٽرن کي به معطل ڪيو ويو.نگران صحت واري وزير پاران ٻي ڪميٽي جوڙي ويندي.
-
فاطمه مظلوم ۽ لاچاري جي علامت آهي، انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي: احمد شاهه
ڪراچي (رپورٽر) نگران صوبائي وزير اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ محمد احمد شاهه چيو آهي ته فاطمه ڦرڙو مظلوم ۽ لاچاري جي علامت آهي اسان کي هر فاطمه ڦرڙو جي مدد ڪرڻي پوندي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد احمد شاهه چيو ته صنفي تشدد به هڪ ثقافتي مسئلو آهي، اسان کي مونجهاري ۽ مظلوم طبقن جي حمايت ۽ مدد ڪرڻي آهي، هي سوسائٽي، ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا سڀ اسان جا آهن، اسان کي ان لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. مون ڏٺو ته ڪيئن انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، سماجي تحفظ واري وزارت سٺي مقصد لاءِ ٺاهي وئي پر ان جو اختيار زيرو آهي ان موقعي تي قانون ۽ انساني حقن واري صوبائي وزير عمر سومرو چيو ته عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي خاتمي لاءِ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، صنفي تشدد کي گهٽائڻ لاءِ قانون شهادت ۾ پڻ ڪجهه بهتري آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته ميڊيڪو ليگل آفيسرن جي مقرري ۾ بهتري اچي رهي آهي. تقريب کي نگران قانون واري وزير عمر سومرو، چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر فخر عالم عرفان، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو سنڌ محمد اقبال ميمڻ ۽ ٻين مقررين پڻ خطاب ڪيو.