لاهور(عوامي آواز نيوز)سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف ڪيس ۾جنرل(ر) قمر جاويد باجوه ۽ جنرل (ر) فيض حميد سميت ٽن برگيڊيئرن ڌر بڻائڻ غير معمولي اڳڀرائي آهي. نامياري صحافي ۽ قانون جي ڄاڻون سعيد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻن فوجي آفيسرن کي حلف جي ڀڃڪڙي ڪندي سياسي معاملن ۾مداخلت ڪرڻ جو جوابدار قرار ڏئي سگهي ٿي.صحافي عمران شفقت جي سوال تي سعيد چوڌري چيو ته عدالت وڌيڪ ڪارروائي لاءِ فوجي آفيسرن جي ادارن کي مواد اماڻي سگهي ٿي، ان بعد ڏسڻو پوندو ته ادارو انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪري ٿو.