گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ غزا ۾ فوري جنگ بندي جي ٺهراءُ کي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. گڏيل قومن ۾ اسرائيل وڌندڙ سفارتي اڪيلائپ جو ان وقت شڪار ٿي ويو. جڏھن اڱاري واري ڏينھن گڏيل قومن جي جنرل اسميبلي ۾انساني بنيادن تي عزا ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو.
ٻئي پاسي آمريڪي صدر جوبائيڊن پنھنجي پراڻي اتحادي کي ٻڌايو تھ انڌاڌنڌ بمباري جي ڪري ھو عالمي حمايت وڃائي رھيو آھي. ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جنگبندي جي حوالي سان هڪ الڳ بيان ۾ چيو آهي ته ”فلسطيني شهرين کي مسلسل تڪليفن ۾ رکڻ حماس جي شڪست جي قيمت نه ٿي سگهي.“
الجزيره جي رپورٽ موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 193 ميمبر ملڪن مان 153 ملڪن ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته 10 ملڪن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، 23 ملڪ ووٽنگ جي عمل مان غير حاضر رهيا، قرارداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندڙ ملڪن ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل سميت ٻيا ملڪ بھ شامل آهن.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم غزا ۾ جنگ بندي تي عمل ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل کي زميوار قرار نه ڏنو ويو ته ان کي جنگ جاري رکڻ جو جواز ملندو.هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل جو مقصد فلسطين جي سموري تصور کي ختم ڪرڻ آهي، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.
آمريڪا جيڪو اسرائيل جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور اتحادي آھي ۽ سلامتي ڪائونسل جي پنجن مستقل ميمبرن مان بھ ھڪ آھي ان جمعي واري ڏينھن تي جنگبندي واري مسودي کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ ويٽو استعمال ڪيو ھو.
اڱاري ڏينهن ايندڙ صدارتي چونڊ مهم جي حوالي سان منعقد تقريب دوران جو بائيڊن جو چوڻ ھو ته حماس خلاف جنگ ۾ اسرائيل کي آمريڪا ۽ يورپي يونين سميت ڪيترن ئي ملڪن جي حمايت مليل ھئي، پر انڌاڌنڌ بمباري سبب ھاڻ اھا حمايت گهٽجي رھي آهي. عالمي سطح تي ان جو واضح اثر ظاھر ٿي رھيو آھي. سندس چوڻ ھو تھ هن (بن يامين نتن ياهو) جي حڪومت کي پنھنجي شدت پسندي پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي. اسرائيل جي هي حڪومت مسئلا پيدا ڪري رهي آهي.