اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خان فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيل اندر عدالتي ڪمري ۾ باڪس ٺهيل هئا. ڪنهن به اداري يا شخص جو نالو وٺڻ کانسواءِ هن چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اندر ۾ خوف ڇا جو آهي. هن چيو ته سڄو خاندان عدالت جي ڪمري اندر هو ۽ دروازو ٻاهران بند هو. هن چيو ته سائيفر ڪيس جي ٽرائل دوران ڇا ٿي رهيو آهي، اسان کي انصاف ٿيندو نظر نٿو اچي.