حيدرآباد لڳ گهر مان پيرسن جو لاش هٿ، مهمان تي قتل جو الزام

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد لڳ هٽڙي ٿاڻي جي حد مسوڀرڳڙي واري علائقي ويجھو ڳوٺ سعيد خان بروھي ۾ اوطاق مان ڳوٺاڻي 60 ورهين جي بشير احمد بروهي پٽ حاجي محمد بروهي جو گولي لڳل لاش ھٿ آيو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول جي وڏي پٽ عيد محمد بروهي جو چوڻ ھو تھ ھڪ مھمان اسان وٽ آيو ھو، مھمان جو واسطو صرف منھنجي والد سان ئي ھو، منھنجي والد ٻڌايو ھو تھ مهمان بلوچستان جي علائقي جھٽ پٽ مان آيل آهي. مقتول جي وارثن موجب مھمان ٿي آيل خير محمد بروهي اوطاق ۾ مقتول بشير بروهي سان جهيڙو ڪيو ۽ پسٽل جا فائر ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. هٽڙي پوليس جو چوڻ آهي تھ جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. علائقي ۾ افواهھ آهن تھ ڳوٺ سعيد خان بروهي واري علائقي ۾ مقتول ۽ حملي آور ڌر وچ ۾ اڳ بھ جهيڙا ٿيندا رهيا آهن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو بھ ڪيس داخل نھ ٿيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.