احمد سليم جو لاڏاڻو: ترقي پسند ۽ نظرياتي دور جو هڪ روشن باب

زرار پيرزادو

¨ ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙيل اديب، صحافي، نقاد، ناول نگار، شاعر ۽ دانشور احمد سليم جنهن سڄي ڄمار انساني حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ لکيو سو انساني حقن جي عالمي ڏينهن 10 ڊسمبر تي هڪ ڊگهي بيماري کانپوءِ جسماني طور تي اسان سڀني کان وڇڙي ويو آهي.

¨ 26 جنوري 1945ع کان سال 2023ع جي 10 ڊسمبر تائين واري حياتي گهاريندڙ احمد سليم جي لاڏاڻي سان ملڪ جي ترقي پسند، روشن خيال، اشتراڪي ۽ نظرياتي دور جو هڪ شاندار باب تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي.

¨ احمد سليم صاحب پنجاب ڄائو هو پر هن کي ملڪ جي سڀني ٻولين، قومن سان پيار هو. هن جو گهڻو وقت سنڌ ۾ گذريو تنهن ڪري هو سنڌين جهڙو سنڌ دوست انسان هو.

¨ هن نه رڳو ملڪ جي سڀني ٻولين ۽ قومن کي تسليم ڪيو پر انهن ٻولين ۽ قومن جي وچ ۾ ڳانڍاپي جي هڪ عظيم پل پڻ بڻيل رهيو، هو محبتن جو سفير هو ان حوالي ۾ سندس ڪم کي سونهري لفظن ۾ لکيو ۽ ياد ڪيو ويندو. خاص ڪري سنڌ سميت ٻين ٻولين جي ادب کي پنجابي زبان ۾ ترجمو ڪرڻ واري عمل سندس سندن ادبي قدڪاٺ کي تمام مٿانهون ۽ غير تڪراري رتبي تي پهچايو آهي.

¨ احمد سليم صاحب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي شاعري جو پنجابي ٻولي ۾ پڻ ترجمو ڪيو هو. ڀٽائي جي شاعري جي منظوم ترجمي وارو مواد چون ٿا ته هڪ سرڪاري اداري کان گم ٿي ويو. ايئن شيخ اياز جي شاعري واري ترجمو پڻ نه ڇپجي سگهيو جنهن جو مهاڳ فيض احمد فيض صاحب لکيو هو.

¨ احمد سليم صاحب نه رڳو ملڪ جي ترقي پسند سياست، ٻولين ۽ قومن کي هڪٻئي سان ملائڻ لاءِ ڪم ڪيو پر هن ايئن ڪيترين ئي شخصيتن کي هڪٻئي سان ملائڻ جو پڻ يادگار ڪم ڪيو. سنڌ جي نوجوان ترقي پسند اديب سجاد ظهير هڪ ليک ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته خود فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز کي ملائڻ ۾ احمد سليم جو ڪردار رهيو آهي.

¨ ايئن اسان کي ذاتي طور تي خبر آهي ته سال 2012 ۾ جڏهن بنگلاديش جي حڪومت وزير اعظم حسينه واجد جي دور ۾ بنگالين جي جدوجهد جي حمايت ڪري سزائون کائيندڙ ان دور جي شخصيتن جي نالن جي فهرست مرتب رهي هئي ته اهو احمد سليم ئي هو جنهن کين سول ايوارڊ لاءِ انور پيرزادي جو نالو ڏنو هو ۽ کين سندن پونئرن سان رابطي ڪرڻ جو چيو هو. بعد ۾ مون کي انور پيرزادي صاحب جو اهو فخر جوڳو ايوارڊ ۾ وصول ڪرڻ جو اعزاز مليو.

¨ ان سال ئي بنگلاديش جي حڪومت احمد سليم صاحب کي به سول ايوارڊ ڏنو هو پر شديد بيماري سبب هو پاڻ اهو ايوارڊ وٺڻ نه هليو هو پر سندس پاران اهو ايوارڊ سندس شاگردياڻي حميره اشفاق جنهن کي هن ڌيءُ طور گهر ۾ پاليو ۽ سندس شعوري تربيت ڪئي تنهن سندس ڌيءُ طور اهو ايوارڊ حسينه واجد کان وصول ڪيو هو.حميره اشفاق جيڪا اسان سان گڏ اهو ايوارڊ وٺڻ بنگلاديش هلي هئي تنهن سان مان احمد سليم جي لاڏاڻي تي دلي طور تعزيت ڪندي بيحد صدمي جو اظهار ڪريان ٿو.

¨ ڪامريڊ احمد سليم ڪميونسٽ پارٽي جي اسٽڊي سرڪل جو انچارج هوندو هو. هن جا تمام گهڻا سياسي ۽ نظرياتي شاگرد رهيا آهن جيڪي کيس انتهائي احترام وچان ساريندا رهيا آهن.

¨ احمد سليم پنهنجي دور جي تمام وڏين سياسي ۽ ادبي شخصيتن جهڙوڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، فيض احمد فيض، شيخ اياز، ڄام ساقي کان انور پيرزادي ۽ انور پيرزادي کان پوءِ جي هر دور جي نوجوانن سان گڏ ڪم ڪيو.

¨ احمد سليم جا سئو کان مٿي ڪتاب آهن. احمد سليم ڪيترن ادارن ۾ ڪم ڪيو، ان سان گڏوگڏ هي پنهنجي وجود ۾ به هڪ ادارو هو. اهڙين شخصيتن جون زندگيون ملهايون وينديون آهن.

¨ سندس سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتون تمام وسيع آهن. کيس جيڪر سندس زندگي ۾ هر سال سندس سالگرهه جي موقعي تي ڀيٽا ڏيندي رهجي ها پر الائي ڇو اهڙين زنده دلي وارين روايتن ۾ اسان هر دور ۾ پوئتي رهيا آهيون ۽ جيئري مڃتا ڏيڻ جو خيال ناهي ايندو جنهن جي ذاتي طور احمد سليم جهڙين شخصيتن کي ڀلي ضرورت نه هجي پر مجموعي طور تي ان جي سماج کي ضرورت هوندي آهي.

¨ احمد سليم صاحب پنهنجي حصي جو تمام گهڻو يادگار ۽ تاريخساز ڪم ڪري چڪو آهي. هاڻي سندس ان وسيع ڪم کي سهيڙڻ جي ضرورت آهي. سندس دوستن کي گهرجي ته احمد سليم سان سلهاڙيل ساروڻين تي مضمون لکن ۽ خود احمد سليم صاحب جا اڻ ڇپيل ڪتاب ڇپرائجن.

¨ خود حميرا اشفاق صاحبه کي اسان احمد سليم نالي ان موضوع تي هڪ دسترس سمجهون ٿا. اُها پاڻ به احمد سليم جي شخصيت تي هڪ مڪمل ڪتاب لکي سگهي ٿي (اهو به ممڪن آهي ته ان لکيو هجي). اسان کيس احمد سليم صاحب جي ادبي وارث ۽ تسلسل سمجهون ٿا.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته حميره صاحبه مان ان حوالي سان وڏيون اميدون آهن ته هاڻي هوءَ احمد سليم جي نالي سان هڪ اڪيڊمي ٺاهيندي ۽ ان اڪيڊمي جي پليٽ فارم تان سندس ڪيل ڪم کي ادارتي شڪل ڏئي، سندس شخصيت ۽ ڪم تي تحقيقي پروگرام ڪرائي کيس ٻيو اڪيڊمڪ جنم ڏيندي جنهن سان هو هر دور جي نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيندو  رهندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.