اسان جي ڪيس ۾ دير ڪئي پئي وڃي:ام رباب

ميھڙ( رپورٽ: فراز چنا)سنڌ جي بهادر نياڻي ام رباب چانڊيو پنھجي بيان ۾ چيو آھي ته اسان جي ڪيس ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي پئي وڃي، 6 سالن کان اسان جي ڪيس ۾ دير ڪئي پئي وڃي، مان پاڪستان جي قانون ۽ آئين جي ڏڍ تي طاقتور سردارن خلاف جنگ وڙھي آھي، اڄ به عدالتن تي يقين آھي ته  مون کي انصاف ڏينديون ، منھنجو چيف جسٽس کان سوال آھي ته  مان انصاف چاھيان ٿي پر مان ڪٿي وڃي پنھنجي فرياد ڪريان، مان واحد ڇوڪري آھيان جنھن پنھنجي ڏاڏي والد ۽ چاچي جا ھڪ ئي ڏينھن لاش کنيا آھن ۽ ھن وقت تائين ھڪ به حاضري گسائي ناھي ، مان چيف جسٽس کي گذارش ٿي ڪريان ته منھنجي ڪيس تي نظر ثاني ڪري ، واقعي جو نوٽيس وٺي ، مان ڪنھن وٽ فرياد ڪريان 10 ڏينھن ٿي ويا آھن، جج مقرر ناھي ٿيو مان ڪنھن کي پنھنجو درد ٻڌايان، منھنجي آخري اميد به عدالت آھي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.