سکر لڳ هٿياربندن هٿان هيڊ ماستر گوليون هڻي قتل

سکر (رپورٽر ) سکر ضلعي جي تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ سومر جي لنڪ روڊ تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ سينيئر  استاد ۽ گسٽا اڳواڻ عبدالحڪيم مهر قتل ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار ارشاد عرف حاجو مهر ٽن اڻڄاتل هٿياربندن سان گڏجي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر کي قتل ڪيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته معاملو زميني تڪرار جو نتيجو آهي. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪيس بعد ۾ داخل ڪرائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.