واشنگٽن ( م ڊ ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 11 جنوري 2024 تي ٿيندو، انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ايندڙ مهيني 11 جنوري تي ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر جي ايندڙ قسط جي منظوري ڏني ويندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالرز جي اسٽينڊنگ آريجمينٽ پروگرام تحت ايندڙ قسط جي منظوري جو امڪان آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول جو معاهدو 15 نومبر تي پهريون معاشي جائزو مڪمل ٿيڻ تي ٿيو هو. ذريعن موجب، 1.1 بلين ڊالر جي آخري قسط لاءِ ٻئي معاشي جائزي جون ڳالهيون فيبروري 2024 ۾ متوقع آهن.واـضح رهي ته پاڪستان ايندڙ آءِ آيم ايف وفد ڳالهين کانپوءِ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو هو. باقي مرحلا اڳتي جا رهيل هئا. ايندڙ اجلاس ۾ منظوري جا پڪا امڪان آهن