ڪنڊيارو / ٺارو شاهه (محمد سومر گهانگهرو/ تنوير قريشي) ٺاروشاهه ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل مبينا ڏوهاري صدرالدين ڪلهوڙو جي وارثن لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو، معروف ڪلهوڙو، نادر ڪلهوڙو ۽ کبڙ ڪلھوڙو جي اڳواڻي ۾ ڪلهوڙا برادري جي سوين ماڻھن قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ڌرڻي سبب ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ڊي ايس هيڊڪواٽر ۽ ڊي ايس پي ڪنڊيارو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. رابطي ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڀريا حبيب الله لاشاري ٻڌايو ته رات دير سان ڏوھه جي ارادي سان ٻيٺل ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ صدر دين ڪلھوڙو جي نالي سان ٿي آھي. ڊي ايس پي موجب ڏوھاري چار ھفتا اڳ دربيلو ۾ پوليس اھلڪار جابر راجپوت جي حملي جو مک جوابدار آھي جڏھن ته ٽي جوابدار فرار ٿي ويا آھن. مارجي ويل صدر دين ڪلھوڙي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر نيو ويو جتي ڊاڪٽر ۽ عملو نه هئڻ ڪري ڏھن ڪلاڪن تائين لاش پيل رھيو. جنهن تي وارثن ۽ شھري سماجي اڳواڻن اعجاز قريشي، علي اڪبر، راڻا عبدالجبار راجپوت ۽ ٻين اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ايم ايس ڊاڪٽر تميزالدين ميمڻ ڪيتري وقت کان ڊيوٽي تان غير حاضر آھي، نه موڪل ٿو ڪري ۽ نه ئي وري ڊيوٽي تي اچي ٿو چارج پاڻ وٽ رکي ويٺو آهي. جڏهن ته ٻيو عملو ۽ ڊاڪٽر به پنهنجي من مانين ۾ رڌل آھن. عوام اسپتال مان بنا ڪنهن علاج جي واپس وڃي ٿو. ھنن سيڪريٽري ھيلٿ ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي ته ايم ايس جي موڪلن جِي جاچ ڪري سندس خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.