ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ سرڪار جي اربين رپين جي زمين سستي اگهه تي اڳوڻي ميئر وسيم اختر پاران وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، پراڻي درخواست تي چيف سيڪريٽري پاران ڪارروائي جي منظوري، اينٽي ڪرپشن جاچ شروع ڪري ڇڏي، ان حوالي سان هٿ ڪيل ڪاغذن ۽ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر گلشن اقبال ۾ پراڻي سبزي منڊي عسڪري پارڪ وٽ اربين رپين جي ماليت جي سرڪاري زمين ڪروڙين رپين ۾ وڪرو ڪري قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان پهچايو آهي، اهڙي درخواست ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڪرم الله وقاصي اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي جولاءِ 2020 ۾ ڏني هئي، جنهن کي منظوري لاءِ چيف سيڪريٽري کي موڪليو ويو، موجوده چيف سيڪريٽري درخواست تي ڪارروائي لاءِ منظوري ڏيندي اينٽي ڪرپشن کي خط لکي ڇڏيو، ذريعن موجب درخواستگذار ڪرم الله وقاصي درخواست ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته موقف اختيار ڪيو ته ميئر هڪ ٺهراءُ پاس ڪري زمين سستي اگهه تي ڏئي ڇڏي، جڏهن ته سرڪاري زمين کي ائين وڪرو نه ٿو ڪري سگهجي، دخواستگذار مطالبو ڪيو آهي ته ان معاملي جي جاچ ڪري ڊائريڪٽر لينڊکي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. هوڏانهن اينٽي ڪرپشن ڪراچي ڏکڻ جي سرڪل آفيسر ڪراچي جي موجوده ميئر جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ڪرم الله وقاصي کي ليٽر لکي ڏنل درخواست تي ثبوتن سميت بيان ڏيڻ لاءِ گهرائي ورتو آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته اڳوڻي ميئر تي زمين وڪرو ڪرڻ بابت لڳايل الزامن بابت سمورا ثبوت ۽ شاهديون ڏنيون وڃن.
مون کي اڃا تائين اينٽي ڪرپشن جو نوٽيس ناهي مليو: ڪرم الله وقاصي
ڪراچي: ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ڪرم الله وقاصي چيو آهي ته اڳوڻي ميئر زمين ڏئي قومي خزاني کي نقصان ڏنو ان خلاف درخواست ڏني هئي، ان کي 3 سال ٿي ويا آهن، هن چيو ته جاچ ٿيڻ جي کيس ڄاڻ نه آهي، نه اڃا تائين اينٽي ڪرپشن جوڪو نوٽيس مليو آهي،