عمران ۽ بشريٰ بي بي جا پول پڌرا ڪيا ته مُنهن لِڪائي نه سگهندا: عون چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري، عمران خان طرفان بشريٰ  بي بي جو چهرو نه ڏسڻ جي دعويٰ کي صديءَ جو سڀ کان وڏو ڪوڙ قرار ڏئي ڇڏيو. عمران خان اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته مان بشريٰ بي بي جو چهرو نڪاح کانپوءِ ڏٺو. ان تي ردعمل ڏيندي تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ عون چوڌري چيو ته عمران خان جي اها دعويٰ صديءَ جو سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي، پاڻ کي قوم جو ليڊر چوندڙ پاڻ ڪوڙ ڳالهائي ته منهنجو فرض آهي سچ سامهون آڻيان، اڳوڻي وزيراعظم جا پول پڌرا ڪيا ته کيس مُنهن لڪائڻ جي جاءِ نه ملندي. هن چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي نڪاح کان اڳ ڪيترائي ڀيرا مليا ۽ هڪٻئي کي ڏٺو به هو، بشريٰ بي بي پاڪ ڪتاب تي حلف ڏئي ته هن عمران خان کي نڪاح کان اڳ نه ڏٺو هو، مان پاڻ اڳوڻي وزيراعظم کي ملاقات لاءِ وٺي ويندو هيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.