ڪراچي پريس ڪلب آڏو تقريب ۾ عورتن ۽ ٻارن جو به وڏو انگ شريڪ

ڪراچي: ڪراچي پريس ڪلب کان پريس ڪلب چورنگي ۽ ميٽروول تائين عوام جو سمونڊ ڇوليون هڻندو رهيو، ثقافتي ڏهاڙي تي نوجوان، ٻار، ٻڍا، ٻڍيون، ناريون ۽ ٻارڙيون  ثقافتي ويسن ۾ جرڪنديون رهيون، هر طرف قومي گيتن تي رقص ٿيندو رهيو، سنڌين کي بدن تي ثقافتي ويس، جن ۾ بوسڪي جا وڳا ۽ پٽڪا، اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪا پاتا جيڪي سندن سونهن ۾ اضافو ڪندا رهيا. عورتن ثقافتي وڳا، چادرون، سڳيون ۽ ثقافتي رنگن وارا پرس کڻي پاڻ تي فخر ڪيو، نياڻين ڀائرن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي آواز تي آواز ڏنو، نعري جو جواب نعري سان ۽ قومي گيتن تي گڏ رقص به ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.