اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته فيض آباد ڌرڻي جو تعلق ختم نبوت سان نه پر حڪومت جي خاتمي سان هو. فيض آباد ڌرڻي ڪميشن ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته 22 نومبر 2017 تي ڊي جي سي فيض حميد کي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ عسڪري قيادت به موجود هئي. ڌرڻي ۾ آءِ ايس آءِ ملوث هجڻ جو مون وٽ ڪو ثبوت ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪميشن طلب ڪيو، سوالنامو ڏنو ويو، جنهن جا جواب تيار ڪري ڏنا ويندا. احسن اقبال جو چوڻ آهي ته حڪومت جو خيال هو ته معاهدي تي فوج جي ڪنهن اعليٰ آفيسر جي صحيح نه هجڻ گهرجي، ٽي ايل پي ۽ پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا جو مقصد ن ليگ کي نشانو بڻائڻ هو. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته جڏهن معاهدو ٿي رهيو هو ته فيض حميد کي اجلاس ۾ معاملي کي حتمي نتيجي تائين پهچائڻ لاءِ چيو ويو هو، اهو سمورو واقعو نواز شريف کي نااهل ڪرڻ کان شروع ٿيو هو، فيض آباد ڌرڻي ان ئي آپريشن جو حصو هو جنهن تحت حڪومت کي هٽايو ويو.