ڪوئيٽا(م ڊ) پيپلز پارٽي ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جي سازش ناڪام بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جي سازش ڪندڙ صوبن جي وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ چاهين ٿا. ڪوئيٽا ۾ پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جو ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ارڙهين ترميم ختم ڪندڙ صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ چاهين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ارڙهين آئيني ترميم کي ختم ڪرڻ وارا صوبن جي وسيلن تي ڦرلٽ ڪرڻ چاهين ٿا، پيپلز پارٽي ارڙهين آئيني ترميم کي ختم ڪرڻ وارن جو اهو خواب ڪڏهن به پورو ٿيڻ نه ڏيندي. افسوس جي ڳالهه آهي ته اسلام آباد کي نظر نٿو اچي ته بلوچستان پاڪستان جي دل آهي، بلوچستان جي ترقي کانسواءِ پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي، بلوچستان جي مٽيءَ هيٺان غم ۽ ڏک سمايل آهي، ان تي مرهم رکڻو پوندو. اڳوڻي صدر چيو ته پيپلز پارٽي بلوچستان جي عوام کي پنهنجي زمين جو مالڪ بڻائڻو آهي، هتي جيڪو ڪجهه آهي اهو بلوچستان جو آهي، ماڻهو مون کان جيل ۾ پڇندا هئا ته توهان ڇا ڪري سگهو ٿا؟ تون ڇا ڪندين مان کين چوندو هوس ته مون خواب ڏٺو آهي، مون پاڪستان لاءِ خواب ڏٺو آهي، مون اوهان ۽ پنهنجي ٻارن لاءِ خواب ڏٺو آهي. هن چيو ته بلاول ننڍي عمر ۾ پرڏيهي وزير بڻجي پاڪستان جي عزت بلند ڪئي، اسان کي بلاول کي سپورٽ ڪرڻو آهي ۽ ان جي تربيت ڪرڻي آهي، توهان به ڏسندئو ۽ مان به ڏسندس، اسان پاڪستان کي ٻيهر ري ڊيفائن ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته بلاول کي نوجوانن جو اڄ، سڀاڻي ۽ مستقبل جو ليڊر بڻائڻو آهي، بلاول کي نوجوانن جو ليڊر بڻائڻو آهي، قوم کي ليڊر هلائيندا آهن، اسان کي جيڪو ايندو آهي اهو بلاول کي منتقل ڪنداسين. آصف زرداري چيو ته پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندڙ ليڊر کي پوئتي ڌڪيندڙ ڪيتريون ئي طاقتون موجود آهن، اسان جي اها ئي سوچ آهي ته اسان کي پاڪستان ٺاهڻو آهي، اسان دنيا جي نقشي تي عظيم ملڪ بڻجي اڀرنداسين، دنيا به چوندي ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي. ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي هڪ نئين ميثاق جمهوريت جي ضرورت آهي، ن ليگ ناڪام ٿي چڪي آهي، اهي سياست جا شوباز آهن. ڪڏهن ن ليگ ته ڪڏهن پي ٽي آءِ ارڙهين ترميم ختم ڪري صوبن کان وسيلا کسڻ چاهين ٿيون، پيپلز پارٽي اها سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. پ پ جي يوم تاسيس جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ته ملڪ جو 70 سيڪڙو طبقو نوجوانن تي ٻڌل آهي، مان به نوجوان آهيان، نوجوانن جي نمائندگي ڪو ڪرڪيٽر نه مان ڪندس. هن چيو ته آصف زرداري صدارت جو عهدو سنڀالي نفرت، انا، ورهاست ۽ انتقام جي سياست کي دفن ڪري هڪ نئين تاريخ لکي، هن ميڊيا جي ڪردار ڪشي برداشت ڪئي، ڪڏهن ميمو گيٽ ۾ ڪو ڪارو ڪوٽ پائي ويندو هو ته ڪو يوٿ جو نمائندو بڻجي سامهون ايندو هو. سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه ماڻهو چارٽر آف اڪانامي جي ڳالهه ڪن ٿا، پ پ نئون چارٽر آف اڪانامي آڻيندي، اسان کي هڪ نئين ميثاق جمهوريت جي ضرورت آهي، گذريل حڪومت ۾ ن ليگ وٽ ناڻي واري وزارت هئي، اها فيل ٿي چڪي، سڄي ملڪ ۾ انهن کي مهانگائي ليگ سڏيو پيو وڃي، عوام کي خبر آهي ته اهي سياست جا شوباز آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جو مخالف ڪو سياستدان نه پر غربت ۽ مهانگائي آهي، معاشي حالتون اڳ ڪڏهن ايتريون خراب نه هيون جيتريون هاڻ آهن، نوجوان نفرت، ورهاست، انتقام جهڙي سياست کي دفن ڪندا، پاڪستان کي هڪ نئين سوچ ۽ نئين سياست جي ضرورت آهي، پ پ نئين سياست شروع ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن عوام هن مهانگائي جو مقابلو ڪري سگهي.