بلوچستان جون سياسي شخصيتون پيپلز پارٽي ۾ شامل

ڪوئيٽا (م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان ۾ بي اين پي، پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن جون اهم سياسي وڪيٽون ڪيرائي  ڇڏيون آهن، مختلف سياسي شخصيتن پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پ پ جي ترجمان موجب پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جو صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا جي جناح ٽائون ۾ ملڪ شاهه هائوس پهتو، جتي اڳوڻو صوبائي وزير سرفراز ڊومڪي ساڻس ملاقات ڪئي. آصف علي زرداري سان ملاقات کانپوءِ بلوچستان حڪومت جو اڳوڻو وزير سرفراز ڊومڪي پ پ ۾ شامل ٿي ويو. اهڙي طرح آصف علي زرداري سان ملاقات سرفراز ڊومڪي سان گڏ نصيب الله مري، مير حربيار ڊومڪي، لياقت لهڙي، ولي خان اچڪزئي، علائو الدين ڪاڪڙ ۽ ٻين به پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري بلوچستان عوامي پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن جي سياسي اڳواڻن کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.