اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي وڪيل خواجا حارث ذريعي آئيني درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي خلاف جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي دوران جاري ٻنهي شوڪاز نوٽيسن کي به عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي درخواست م ڪائونسل جي ڪارروائي ۽ خاص طور گذريل ٻڌڻي تي جاري ڪيل تفصيلي نوٽيس کي چئلينج ڪيو جنهن ۾ کائنس 10 الزامن بابت جواب طلب ڪيو ويو هو. جسٽس مظاهر پنهنجي درخواست چيو آهي ته جڊيشل ڪائونسل انهن اعتراضن جو جيڪي هن ججن تي ڪيا ان تي ڪو فيصلو ناهي ڪيو، ٻيو شوڪاز جاري ڪرڻ کان اڳ جيڪي اعتراض اٿاريا ويا ان جو فيصلو ڪرڻ ضروري هو. جسٽس مظاهر نقوي درخواست ۾ ڪيس اوپن ڪورٽ ۾ هلائڻ ۽ شوڪاز نوٽيس ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.