افغان شهرين جي نيڪالي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻي درخواست داخل

اسلام آباد ( م ڊ ) تعليمي ماهرن جي هڪ گروپ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ افغان پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ واري نگران حڪومت جي فيصلي کي چئلينج ڪندي فيصلي تي پابندي جي درخواست ڪئي وئي آهي. لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي  6 فيڪلٽي ميمبرن طرفان آئين جي آرٽيڪل 184 (3) تحت درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن جي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ وفاق، چئني صوبن، اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، افغان پناهگيرن جي چيف ڪمشنر، نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا)، ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ۽ افغان پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته درخواست ڪندڙ، لاڳاپيل شهرين جي حيثيت سان پاڪستان ۾ رهندڙ پٺتي پيل ۽ بيوس افغانين جي مفاد ۾ درخواست داخل ڪرڻ تي مجبور آهن. درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ افغان ٻارن کي پاڪستاني شهريت جو حق ڏنو وڃي ۽ حڪومت افغانين جي پاڪستان ۾ سندن گهرن ڏانهن واپسي جي سهولت فراهم ڪري هن وقت تائين ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. درخواست ۾ وڌيڪ استدعا ڪئي وئي ته عمل جي نگراني لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ان عمل کي منصفاڻي طريقي سان هلائڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.