حتمي تڪ بندين جي لسٽ جاري، قومي اسيمبلي 326 ميمبرن تي مشتمل هوندي

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن حتمي تڪ بنديون شايع ڪري ڇڏيون، سڄي ملڪ ۾  قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن جا 266 تڪ هوندا، صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن جا 593 تڪ هوندا، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد جي قومي اسيمبلي جون ٽي جنرل سيٽون هونديون، جڏهن ته پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جون 141 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 297 جنرل سيٽون هونديون، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جون 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 130 جنرل سيٽون هونديون، خيبرپختونخوا ۾ قومي اسيمبلي جون 45  ۽ صوبائي اسيمبلي جون 115 جنرل سيٽون هونديون، بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي جون 16 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 51 جنرل سيٽون هونديون،قومي اسيمبلي جو ايوان 326 ميمبرن تي مشتمل هوندو،عورتن جون مخصوص سيٽون 60 هونديون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.