ميهڙ ( ن ع آ ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته پي ڊيم ايم ملي ڀڳت سان چونڊن ۾ دير ڪرائي آهي، جيڪو غير آئيني عمل آهي. ميهڙ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سيد زين شاھه چيو ته نگران سرڪار جو حڪومت جو طريقو به پوئين سرڪار وانگر آھي، ڪو وزير ڪرپشن جو فائيل کولي ٿو ته نگران وڏو وزير کيس روڪي يا ھٽائي ڇڏي ٿو جنھن جو مثال يونس ڍاگا ۽ صحت وارو وزير سعد خالد آھي. زين شاهه چيو ته اڳوڻي وڏي وزير جي ڪرپشن ڪيسن کي کولڻ کان به نگران سرڪار کي روڪيو ويو آھي جيڪڏهن ائين ئي ٿيڻو هو ته پوءِ نگران حڪومت جو ڪھڙو ڪم هو.ايس يو پي صدر چيو ته ملڪ جي صورتحال بھتر ناھي، ملڪ معاشي ۽ سياسي بدحالي آھي. ھن چيو ته اليڪشن ۾ جي ڊي اي سان اتحاد ڪري اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين، سيٽ ايڊجسٽمينٽ به ڪري سگھجي ٿي. ھر جماعت کي چونڊ وڙھڻ جو ھڪ جيترو حق ملڻ کپي. سيد زين شاهه وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ٿيل ڪرپشن جو احتساب ٿيڻ کپي ، ڪامورن ۽ سياستدانن ملڪ کي لٽيو آھي. زين شاهه چيو ته جي ڊي اي ۾ ملڪي سطح تي اتحاد ڪنداسين، ايم ڪيو ايم، ن ليگ، ق ليگ سميت ٻيون جماعتون شامل ٿي سگھن ٿيون. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي الڳ اتحاد آھي. ان مان ڪي جماعتون اليڪشن ناھن وڙھنديون. زين شاهه چيو ته چاھيون ٿا گڏجي زرداري مافيا کان جان چڏايون.