نگران گهرو وزير پاران پرڏيهين جي نيڪالي جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر) نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ خاص اجلاس ٿيو.  جنهن ۾ غير قانوني پرڏيهي شهرين جي وطن واپسي بابت مختلف معاملن جو خاص جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي گهرو سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ، ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل پوليس ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان رينجرز (سنڌ)، ڊي آءِ جي ايس پي يو، ڊي آءِ جي پي، سي ٽي، اسپيشل برانچ، ڪراچي زونل ڊي آءِ جيز، مختلف انٽيليجنس ايجنسين جي سينيئر نمائندن ۽ نادرا جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. نگران گهرو وزير چيو ته غيرقانوني مهاجرن جي واپسي بابت اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هر اڱاري تي هڪ فالو اپ اجلاس منعقد ڪيو وڃي. نگران گهرو وزير غير قانوني مهاجرن جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي ناڻي کاتي غير قانوني ڌارين جي واپسي جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ گهربل فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن. نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته غير قانوني مهاجرن جي واپسي جي خرچ تي ضابطو آڻڻ لاءِ قاعدن ۽ ضابطن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته عوام جي جان و مال جي حفاظت ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي. اجلاس ۾ شهر ۾ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ منشيات جي لعنت جي خاتمي تي به غور ويچار ڪيو ويو. برگيڊيئر (ر) حارث نواز منشيات جي خريد و فروخت ۾ ملوث عنصرن، انهن جي ڪارڪنن ۽ سرپرستن خلاف جاري آپريشن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ سمورن ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي فول پروف سڪيورٽي اولين ترجيح آهي ان ڪري حفاظتي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.